سهراب خان سرڪي، ڊاڪٽر

سهراب خان سرڪي، ڊاڪٽر

سهراب خان سرڪي ڊاڪٽر

سهراب خان سرڪي، ڊاڪٽر: ناميارو سياستدان ۽ پ.پ اڳواڻ ڊاڪٽر سهراب خان ولد سردار واحد بخش خان سرڪي، 30 جولاءِ 1968ع تي ڳوٺ ڳڙهي حسن، تعلقي ٺُل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. هن ماڊرن هاءِ اسڪول سکر مان مئٽرڪ ۽ گورنمينٽ ڪاليج ٺل مان انٽر پاس ڪئي. ان بعد پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم. اي جي ڊگري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس مان ورتائين، جنهن بعد ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ايم. بي. بي. ايس پاس ڪيائين، ان کانپوءِ هن عملي سياست ۾ حصو ورتو ۽ ابتدا کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان وابسته رهيو آهي.
ڊاڪٽر سهراب سرڪي پهريون ڀيرو 1993ع ۾ آزاد اميدوار طور صوبائي چونڊن ۾ بيٺو ۽ مير حسن خان کوسي کي شڪست ڏئي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. سهراب سرڪي 1997ع جي صوبائي چونڊن ۾ به ڪامياب ٿيو ۽ 2002ع جي صوبائي چونڊن ۾ به ڪامياب ٿيو ۽ پ.پ.پ (پيٽرياٽ) جو ميمبر رهيو، ان دوران بين الصوبائي رابطن جو صوبائي وزير رهيو. سهراب سرڪي 2013ع وارين چونڊن ۾ پي. ايس 15 جيڪب آباد/ ڪشمور تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر سهراب سرڪي سماجي ڪمن ۾ به اڳڀرو رهيو آهي. هن پنهنجي علائقي ۾ ڪاليجن ۽ اسڪولن جي قيام لاءِ عملي ڪوششون ڪيون آهن. مختلف وقتن تي سعودي عرب، فرانس، سنگاپور، شام، دبئي ۽ انگلنڊ جا دورا پڻ ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.07.30  عيسوي

ناميارو سياستدان ۽ پ.پ اڳواڻ ڊاڪٽر سهراب خان ولد سردار واحد بخش خان سرڪي، 30 جولاءِ 1968ع تي ڳوٺ ڳڙهي حسن، تعلقي ٺُل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آفتاب سومرو
پرين پالاري
ايس پي گپتا
جتوئي وحيد
ڄام اوڍر سمو
آخوند محمد حسن مسڪين
ڌرم ڪمار تولاڻي
حسن خوشنويس
پرڏيهي پير
صديق علي خان نواب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون